الله جو فقير

الله جو فقير

الله جو فقير

الله جو فقير (ڪتاب): حر جماعت سان لاڳاپيل سومر فقير هنڱوريرح جي شخصيت متعلق هيءُ ڪتاب فقير محمد اسماعيل سڪندري ميمڻ مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ سومر فقير جي فقيري اختيار ڪرڻ، مرشد وٺڻ، شريعت تي عمل، تصوف ۾ رنڱجڻ وغيره سان گڏ مرشد سان نسبت ۽ سندس زندگيءَ جو احوال درج آهي. اُن کان سواءِ سومر فقير جا تصرفات، پرهيزگاريءَ جو احوال، وفات، عرس ۽ اتي قائم مدرسي ۽ سڪندريه اورينٽل ڪاليج بابت به ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل فيض محمد سڪندريءَ جو ڪتابت ٿيل آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل تي مزار جو عڪس ڏنل آهي هن چار رنگي ٽائيٽل واري پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب ۾، 247 صفحا آهن. هي ڪتاب سڪندريه پبليڪيشنز جمعيت علماءِ سڪندريه جامعه راشديه درگاهه شريف، پير جو ڳوٺ، خيرپور سنڌ 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو